جلال شاهه

جلال شاهه: سيد علي شير شاهه ڄاموٽ جي فرزند ۽ جراڙ پوٽه ساداتن جو موجوده پڳدار حاجي جلال شاهه هڪ سماج دوست سياستدان طور علائقي ۾ مشهور آهي. پاڻ 1979ع ۾ لوڪل باڊين جي اليڪشن ۾ ڪائونسلر طور حصو ورتائين. 1987ع ۾ ٽائون ڪميٽي مٽياريءَ جو چيئرمئن چونڊيو ويو. 1996ع واري اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي (شهيد ڀٽو) گروپ پاران صوبائي سيٽ لاءِ اميدوار بيٺو. 24 جولاءِ 1998ع تي جڏهن شهرين پاران سنڌ دشمن ڪالا باغ ڊيم واري منصوبي جي خاتمي لاءِ مٽياري ايڪشن ڪميٽيءَ جو بنياد رکيو ويو ته کيس ان جو چيئرمئن چونڊيو ويو. شهر جي ترقي ۽ عوام جي فلاح ۽ بهبود جي سلسلي ۾ سندس ڪيل خدمتون اهميت جي لائق آهن. آڪٽوبر 2002ع ۾ فنڪشنل مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو.



لفظ جلال شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو